خير محمد خاصخيلي

خير محمد خاصخيلي

خير محمد خاصخيلي

خير محمد خاصخيلي (سُگهڙ): خير محمد ولد ڌڻي بخش خاصخيلي، 1954ع ۾ ڳوٺ ڄام نندو مري، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. تعليم اٺ درجا پاس ڪيائين. هي 1980ع کان وٺي سگهڙائپ جي فن سان وابسته آهي. سنڌ جي سمورن ميلن ۽ ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي چڪو آهي. سنڌي ٽي. وي چينلن تي ڪچهرين ۽ بزرگن جي درگاهن تي سينگار جا بيت پڙهندو رهيو آهي. خير محمد خاصخيلي، هن وقت ڳوٺ ڄام نندي مـري لڳ دلشاد موري، تعلقي سانگهڙ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو